پلي حاجي منٺار

پلي، حاجي منٺار: حاجي منٺار ولد ڄام پلي، ’درس پليءَ‘ جي وڏي پٽ ’پيرج پليءَ‘ جي اولاد مان ’حسناڻي‘ پاڙي مان هو. حاجي منٺار جي ولادت 1862ع/ 1279هه ڌاري ڳوٺ ڳموري تعلقي عمرڪوٽ ۾ ٿي. سير ۽ سياحت جو شوقين، گھوڙي سواريءَ جو ماهر ۽ گھوڙن جي بيمارين جو پنهنجي تَر ۾ وڏو ڄاڻو هو. هي سماٽ نسل جي ذاتين جي راڄوَنديءَ ۽ ريتن رسمن بابت به وڏي مهارت رکندو هو. حاجي منٺار پليءَ جي شاعري اڪثر واقعاتي آهي، جنهن ۾ مزاح، مناظرا، نصيحت ۽ هِجوَ وغيره جا مضمون شامل آهن. سال 1941ع ۾، پنهنجي ڳوٺ ڳموريءَ ۾ وفات ڪيائين.


هن صفحي کي شيئر ڪريو